سيف الله خان مگسي

سيف الله خان مگسي

سيف الله خان مگسي

سيف الله خان مگسي: نواب سيف الله خان ولد محبوب خان مگسي، 1924ع ڌاري شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. سندس وڏن جو تعلق جهل مگسيءَ سان هو. نواب قيصر خان مگسي (اول) سندس جد امجد هو، هن خاندان خانبهادر پير بخش کهاوڙ (اول) جي زماني ۾ شهدادڪوٽ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
نواب سيف الله نهايت قابل ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سياست ۾ آيو ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن سان قومي سياست ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. نواب محبوب علي خان مگسي پنهنجي فرزند جي اعليٰ ذهانت ۽ لياقت ڏسي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي مگسي قبيلي جي پڳ کيس ٻڌائي قبيلائي جرڳن ۽ فيصلن ڪرڻ جا اختيار سندس حوالي ڪيا، جنهن کان پوءِ نواب الله خان مگسي'>سيف الله خان مگسي پنهنجي گهڻ رُخي شخصيت ۽ ڪردار سببان وڏي مقبوليت ماڻي. هو شهدادڪوٽ ۽ ميرو خان تڪ تان ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.
نواب سيف الله خان جي هر دلعزيزيءَ سبب سندس دوستن جو هڪ وسيع حلقو هو. انهيءَ حلقي ۾ ٻين نامور شخصيتن سميت ذوالفقار علي ڀٽو به شامل هو. نواب سيف الله خان جا فيصلا مشهور هئا. بلڪ سندس وڏن وانگر ’ضرب المثل‘ سمجهيا ويندا هئا. سندس بنگلي تي سوين ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي ايندا هئا، هو سڀني جا مسئلا ٻڌندو هو ۽ انهن جو ٿڏي تي تدارڪ ڪندو هو.
نواب سيف الله خان کي جوانيءَ ۾، 11 اپريل 1969ع ۾ شهيد ڪيو ويو. کيس پنهنجي اباڻي قبرستان واقع جهل مگسيءَ ۾ دفنايو ويو. سندس جوانيءَ ۾ شهادت تي مگسي قبيلي سميت ٻين قبيلن کي وڏو صدمو رسيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽي، نواب سيف الله خان جي دوستيءَ کي هميشه زندهه رکڻ خاطر ’سيف الله ڪئنال‘ کڻايو. هن تاريخي ۽ يادگار رٿا سميت شهدادڪوٽ ميونسپل ڪائونسل طرفان شهر جي ڏکڻ طرف لاڙڪاڻي روڊ تي ’شهيد سيف الله گيٽ‘ به ٺهرايو ويو آهي.
نواب سيف الله خان جي وڏن مان نواب گل محمد خان ’زيب‘ ۽ مير يوسف عزيز خان مگسي (وفات: 31 مئي 1935ع) پنهنجي دور جا وڏا سياستدان، مدبر ۽ سنڌيءَ سميت فارسيءَ جا قادرالڪلام شاعر هئا. ’زيب‘ جا ڪيترائي ديوان لکنؤ پريس انڊيا مان شايع ٿيا، جن ۾ ’عالم پنج گلدسته‘ (فارسي) ۽ ’مخمسات زيب‘ (فارسي) سرفهرست آهن.
نواب سيف الله خان مگسيءَ کي نريني اولاد ۾ 7 فرزند: مير ذوالفقار علي خان، مير طارق علي خان، مير نادر علي خان، مير اڪبر علي خان، مير خالد علي خان، مير عامر علي خان ۽ مير ظفر علي خان آهن، جن جي رهائش شهدادڪوٽ ۽ جهل مگسي شهر ۾ آهي. نواب سيف الله خان جي پڳ سندس وڏي فرزند نواب ذوالفقار علي خان مگسيءَ تي رکيل آهي. مير ذوالفقار علي خان مگسي، بلوچستان جو وڏو وزير ۽ گورنر به رهي چڪو آهي. نوابزادو مير نادر علي خان مگسي، سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ڪيترا ڀيرا ايم. پي. اي ۽ صوبائي وزير رهي چڪو آهي. نوابزاده مير طارق علي خان ۽ نوابزاده عامر علي خان مگسي (ايم. اين. اي) سينيٽر رهيا آهن، نوابزاده مير خالد علي، جهل مگسيءَ جو ضلعي ناظم رهيو آهي. مير اڪبر علي خان ۽ مير ظفر علي خان زمينون سنڀالين ٿا. نواب الله خان مگسي'>سيف الله خان مگسي ءَ جي سمورن فرزندن جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان آهي.


لفظ سيف الله خان مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو